استاد عبدالرشيد خان

استاد عبدالرشيد خان

استاد عبدالرشيد خان

استاد عبدالرشيد خان: عبدالرشيد خان ولد استاد عبدالغفور ميواتي 1940ع ڌاري ميوات جي هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. راڳ جي شروعاتي سکيا پنھنجي وڏي ڀاءُ استاد حبيب الدين خان کان ورتي. هارمونيم جي سکيا پنھنجي ٻئي وڏي ڀاءُ ۽ عظيم سارنگي نواز استاد مجيد خان کان حاصل ڪئي. شروعاتي دور ۾ ملڪ جي مشھور گائڪ مھدي حسن جي ڳايل گانن کي ڪورس واري شڪل ۾ ڳائيندو هو، جنھن کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. مشھور موسيقار نياز احمد سان گهڻو وقت گڏ گذاريو. هارمونيم تي پڻ ڪيترن مشھور گائڪن سان سنگت ڪئي، جن ۾ استاد بڙي غلام علي جو ننڍو ڀاءُ مرحوم امانت علي قصوري عرف ماني خان، استاد نزاڪت علي سلامت علي خان، استاد امانت علي فتح علي خان، استاد محمد جمن خان ۽ ٻيا ڪيترائي ان دور جا گائڪ شامل آهن. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي، غزل گيت گائڪ ۽ موسيقار جي حيثيت ۾ ڪيترائي سال ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪيو. کيس ميواتي ٻوليءَ جا ڪيترائي لوڪ گيت ياد هئا. سندس شاگردن ۾ سجاد علي (ڪراچي) فيصل عزيز، ضامن علي، الھه ڏنو خاصخيلي وغيره شامل آهن. استاد عبدالرشيد خان 10 جنوري 2002ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي ۽ ٽنڊي يوسف واري قبرستان ۾ آرامي ٿيو. هن وقت سندس فرزندن مان طاهر علي ۽ راحت علي ريڊيو پاڪستان تي راڳ ۽ گائڪيءَ سان وابسته آهن


لفظ استاد عبدالرشيد خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو